سنڌي سنگت يو. ڪي

سنڌي سنگت يو. ڪي

سنڌي سنگت يو ڪي

سنڌي سنگت يو. ڪي: برطانيا ۾ رهندڙ سنڌين جي گڏيل ثقافتي، سماجي سرگرمين جي تشهير ڪرڻ ۽ انهن لاءِ گڏيل پليٽ فارم طور هيءُ ويب سائيٽ سرگرميون ڪندي رهي ٿي. انٽرنيٽ تي سنڌ جي ثقافت، قديم ماڳن مڪانن ۽ خاص طور ٻوليءَ جي واڌاري ۽ ترقيءَ لاءِ ڪم ڪرڻ ويب سائيٽ جي مکيه مقصدن ۾ شامل آهي. هن ويب سائٽ جي معرفت برطانيا ۾ رهندڙ سنڌين جي سماجي مسئلن کي اجاگر ڪري گڏيل فهم سان انهن جي حل لاءِ قدم کنيا وڃن ٿا. سنڌين وچ ۾ سندن حالات زندگي، مستقبل، جي تدبيرن وغيره تي به بحث ڪيو وڃي ٿو. ٿلهي ليکي سنڌي سنگت هيٺين مقصدن لاءِ ٺاهي وئي آهي. انهن ۾ خاص طور: برطانيا ۾ رهندڙ سنڌين کي يڪجاءِ ڪرڻ سنڌي ڪلچر ۽ ٻوليءَ جي واڌاري لاءِ مناسب پليٽفارم طور ڪم ڪرڻ مجموعي طور سنڌي سماج جي مسئلن کي اجاگر ڪري انهن جي حل لاءِ مناسب تدبيرون جوڙڻ ۽ انهن لاءِ سجاڳي بيدار ڪرڻ گڏيل سهڪار سان سنڌي سماج جي ڀلي لاءِ گڏيل طور ڪم ڪرڻ ۽ سنڌين وچ ۾ مضبوط قسم جي باهمي رابطي پيدا ڪرڻ لاءِ ڪم ڪرڻ، زندگيءَ جي سڀني پهلوئن لاءِ مضبوط اداره سازي ذريعي سنڌين لاءِ ڪم ڪرڻ ۽ هر سطح تي گڏيل مفادن لاءِ راهه هموار ڪرڻ وغيره.
سنڌي سنگت يو. ڪي انٽرنيٽ تي سنڌي ڪتاب وغيره به ميسر ڪري رکيا آهن. هن ويب سائيٽ تي سنڌي ٻوليءَ جا اليڪٽرانڪ ٽي. وي چئنل سنڌ ٽي. وي، ڪي. ٽي. اين، مهراڻ ٽي. وي آن لائين هلايا وڃن ٿا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو